مولانا محمد شيدا چنجڻي

مولانا محمد ’شيدا‘ چنجڻي : مولانا محمد ولد مولانا خليفي محمد موسى چنجڻيءَ، ڳوٺ ميانداد چنجڻي، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي مان، پنهنجي والد کان ورتائين، وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ پاٽ ۽ نورنگ ويو، آخر ۾ ڳوٺ گاجي کهاوڙ مان مولانا محمد صالح ابڙي کا ن سند ورتائين. دستاربند ٿيڻ کان بعد ڳوٺ ۾ درس و تدريس جو عمل شروع ڪيائين. هيءُ عالم ۽ شاعر هجڻ سان گڏ حڪمت پڻ ڄاڻندو هو، سندس شفاخانو سندس مدرسي سان گڏ هوندو هو، شاعريءَ ۾ ’شيدا‘ تخلص استعمال ڪيائين، هن ڪافيءَ تي چڱي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي اداري گل حيات انسٽيٽيوٽ خير محمد آريجا ۾ محفوظ آهي. سندس وفات 17 آگسٽ 1971ع تي اباڻي ڳوٺ ۾ ٿي، سندس ۽ قائم ڪيل مدرسي ۾ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو